تاريخ ۾ هڪ ٻئي ڪاري فيصلي جي واڌ ٿي وئي، عدالتن کي بند ڪري بندوق تاڻي نواز شريف خلاف فيصلو ٻڌايو ويو: شاهد خاقان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نوازشريف جي قيد جي سزا کي سياه فيصلو قرار ڏيندي چيو ته عدالتن کي بند ڪري بندوقون تاڻي فيصلو ٻڌايو ويو نوازشريف کي نيب ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا کان پوءِ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو ڪارو فيصلو ٻڌايو ويو ملڪي تاريخ جو پهريون فيصلو آهي جيڪو عدالت جا دروازا بند ڪري ۽ بندوقون تاڻي 6 ڪلاڪ دير سان ٻڌايو ويو پر حڪمران ٻڌي چڏين ته اسان مشرف جو به مقابلو ڪيو آهي موجوده جمهوريت نام نهاد اهي جيڪا آمريت جي دور کان وڌيڪ خراب آهي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته عوام ۽ تاريخ اهڙن فيصلن کي نٿا مڃين ٻنهي نيب ريفرنسز ۾ نوازشريف جي خلاف ڪوبه ثبوت نه آهي دنيا کلي رهي آهي ته پاڪستان ۾ ڪهڙا فيصلا ٿي رهيا اهن اسان قانون جو رستو وٺنداسين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهريان به سزا معطل ڪري ڇڏي هئي عوامي احتجاج ڪنداسين جيڪو اسان جو حق آهي پر تشدد وارو رستو نه وٺنداسين نوازشريف کي ٻئي ڪيس ۾ به آزاد ڪري ڇڏڻ گهرجي ها مشاهد الله خان به نوازشريف جي خلاف فيصلو رد ڪندي چيو ته هي لالي پاپ آهي ته هڪ ڪيس ۾ ڇڏيو ويو ۽ ٻئي ۾ سزا ٿي سچ اهو آهي ته کيس جيل موڪليو ويو پر پهريان به هن سختيون برداشت ڪيون آهن هاڻي به ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *