تاريخ تي تاريخ جو هڪ نه کٽڻ وارو سلسلو…!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

هن پاڪستاني پوري قوم جون نظرون پاناما لڪيس جي حوالي سان جيڪو فيصلو ڪالهه محفوظ ڪيو ويو ان تي آهن، جنهن اندر پاناما لڪيس جي معاملي تي،جي آءِ ٽِي جي ڏنل رپورٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي محترم ججن ڪجهه ڏينهن اندر اهو فيصلو ٻڌائڻ جو اعلان ڪيوآهي،جڏهن ته پاناما ليڪس معاملي تي ڪالهه سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن تي مشمتل ججن جي بيئنچ ڌرين جي موقف  ۽ دليل ٻڌا جنهن کانپوءِ انهي عدالت پاران پاناما لڪيس معاملي تي ٿيل فيصلي کي محفوط ڪيو ويو آهي،جڏهن ته ٽن ججن تي مشتمل ڪاميٽي پاران ميان نواز شريف پاران وڌيڪ دستاويز پيش ڪرڻ جو چيو ته انهن ججن انهي جو جواب ۾ ٻڌايو ته هاڻي ڪنهن به دستاويز ڏيکارڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي،۽ ججن اهو به چيو ته ته اسين اڳ ۾ ئي وزيراعظم جي نااهلي جي باري ۾ تحقيقات ڪري رهيا آهيون،ججن اهو به چيو ته اسين انهي ڳالهه جي گارنٽِي ڏيو ته ٿا ٿيندڙ فيصلو آئين ۽ قانون جي مطابق هوندو،هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ اهڙو ڪهڙو مواد آهي جنهن جي تحت فيصلو ٻڌايو ويندو،

20 اپريل وارو فيصلي جي به خبر پئجي ويندي،جنهن جا دليل ۾ ٻڌا ويا آهن،جڏهن ته عدالت پاران اهو به بيان ڏنو ويو هو ته وزيراعظم ميان نواز شريف جيڪي پرسرار طريقي سان قومي اسميبلي کي ڏنا اها وستاوزير اسانکي ڇو نه ڏنا ويا آهن،ججن صاحبن اهو به چيو ته هن وقت اپوزيشن ۽ وفاقي پارٽِي وچ ۾ جيڪي ڄونڊا پٽ ٿي رهي آهي اها پاڻ ۾ ڀلي تي پر ان جهيڙِي اندر عدالتن کي شامل نه ڪيو وڃي اها عدالتن جي توهين آهي جنهن تي جماعتون وڌيڪ نقصان ۾ اچي سگهن ٿيون،ڇو ته جنهن ڳالهه جي آئين اجازت نه ٿو ڏي سڀني اپوزيشن توڙي وفاتي حڪومت کي گهرجي ته اهڙي بيانن کان پاسو ڪن،عدالت اهو به چيو ته اسان انصاف جا سمورا تقاِضا پورا ڪيا آهن جنهن جي آڌار تي اسان روازني جي بيان ۾ پاناما معاملي تي فيصلا ٻڌا آهن.جڏهن ته وڌيڪ تفصيل ڏيڻ به ڪيس کي برباد ڪري سگهي ٿو.جڏهن ته اسپيڪر نيب چوڌهري اڪبر ڊار عدالت کي ٻڌايو ته هو پپيرملز جي ڪيس جي فائل کي ٻهير کولڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي،۽ هو هڪ هفتي اندر سپريم ڪورٽ اندر اپيل پيش ڪندي،جنهن جي جواب ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته اوهان کي مهرباني،ٻئي پاسي جسٽس اعجاز افضل خان چيو ته مريم نواز جي نااهلي لاءِ نيلسن،۽ نيسڪول ڪئمپني جو بيني فيشل هجڻ ڪافي ناهي،پر معاملوانسپانسر شپ ۾ اچي ٿو،جڏهن ته مريم نواز تحويل هيٺ ڪي واضع ثبوت سامهون نه اچي سگهيا آهن،پر ڪالهه جڏهن فيصلو محفوط ٿيو ته انکان پهرين جسٽس اعجاز احمد جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس عظمت سعيد شيخ تي مشتمل ٽي رڪني بيئچ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي پنجون دفعو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،ان موقعي تي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ سندس خاندان جي ٻارن جي وڪيل سلمان اڪرم راجه ۽ ۽ اسحاق ڊار جي وڪيل طارق جسن پنهنجا پنهنجا دليل عدالتن اندر پيش ڪيا،جڏهن ته تحريڪ انصاف جي پاران سندن وڪيل نعيم بخاري توفيق آصف ۽ شيخ رشيد جواب پيش ڪيا،ان موقعي تي نيب جي وڪيل ۽ ايڊيشنل اٿارٽي جنرل به پنهنجا دليل عدالت اندر پڻ پيش ڪيا.

انڪري ڏٺو وڃي ته هڪ طرف ملڪ اندر آف شور ڪمپينن جي مالڪي ۽ پاناما ليڪس جو شور آهي ته ٻئي پاسي اپوزيشن ۽ حڪمران پارٽين کي پنهنجي حق جو انصاف گهرجي.جڏهن عدالت پاناما لڪيس جي حوالي سان پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي ۽ اپوزيشن جماعتن ۽ حڪومت ڌر پاران جيڪي اختلاف اٿيا آهن اهي به قوم جي سامهون آهن.۽ عدالتون به  سامهون آهن.پر آئون سمجهان ٿو ته سڀني جماعتن جي ڄونڊا پٽ ڪرڻ بدران عدالتي فيصلي جو انظار ڪرڻ گهرجي ڇو ته  چيف جسٽس ڪو به اهڙو رويو ناهي ڏيکاريو ۽  سندس رويو هن وقت به ماٺ وارو ئي آهي.!اها ئي خاموشي ڪيترائي سوال ذهن ۾ آڻي ڇڏيندي آهي.جنهن کي اهين به کڻي چئجي ته انساني ذهن اهو ئي سوچيندو آهي ته هاڻ آخر ڇا ٿيندو.؟عوام عدالت انهي سوال جي جواب جي منتظر آهي.ته هوءُ ڇا سوچي رهي آهي. سندس سامهون پاناما ليڪس جي حوالي سان  آيل فيصلي جو ڪو جواز به آهي يا نه.؟.اها ڳالهه به درست آهي ته پاڪستان اندر عدليه جي ڪارڪردگي عوام جي سوچ جي مطابق ناهي آئي.ڪيترائي ڪيس ڪيترن ئي سالن کان وٺي هلندڙ آهن جيڪي حل ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن.جڏهن جو مثال اهو کڻي ڏيو ته ڏاڏي ڪيس ڪرايو ته فيصلو سندس پڙپوٽي کي ٻڌايو ويندو آهي.مطلب ته عدالت اندر ڪيس داخل سڀ ڪجهه وساري ڇڏڻ آهي.تاريخ تي تاريخ جو هڪ نه کٽڻ وارو سلسلو…ماڻهو ڪيس ته داخل ڪندا آهن پر انصاف جي اوسيڙي ۾ ويٺي ويٺي  کين سال لڳي ويندا آهن.۽ عدالتن اندر اهڙي ڪا حڪمت عملي ناهي جنهن سان اهي ڪيس جلد کان جلد حل ٿي سگهن.

هي صرف هن ملڪ جي ڳالهه ناهي اوهانکي ياد هوندو ته ڪجهه وقت پهرين ڀارت جو چيف جسٽس وزيراعظم جي اڳيان روئي ويٺو هو جنهن جا وهندڙ لڙڪ عالمي سطح جو مرڪز بڻيا هئا.اهو به اها ئي حيقيقت ٻڌائيندي روئي ويٺو هو ته هن وقت ڀارت اندر جهڙي طرف جا ڪيس هلندڙ آهن انهن مان اهوئي لڳي پيو ته اهي ڪيس ايندڙ ڏهه سالن ۾ ئي حل نه ٿي سگهندا.جنهن ڪري فوري طور ڀارت جي عدالتن اندر ججن جي مقرري جي لاءِ ججن جي ٻيڻي گهر ڪئي.ته جيئن انهن ڪيسن کي جلد کان جلد حل ڪري سگهجي..! پاڪستان اندر انهي جي ڀيٽ ۾ صورتحال ئي ٻئي آهي.ڀارت اندر ججن جي مقرري لاءِ ججن جي تعداد کي ٻيڙو ڪرڻ جي درخواست ڪئي پئي وڃي ۽ پاڪستان اندر اهو چيو پيو وڃي ته پاڪستان اندر اهڙا قابل جج موجود ئي ناهن جن جي مقرري ڪئي وڃي..! اها هڪ واضع حيقيت آهي ته پاڪستان اندر ٽيلنٽ جي ڪا ڪمي ناهي.چيف جسٽس جيڪڏهن دروازا کولي ڇڏي ته کيس ٽيلنلٽ خد به خد ملي ويندو.انهي ڪري اهو به چئي سگهجي ٿو ته عدالت پنهنجو به احتساب ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي.ڳالهه احتساب جي هلي آهي ته اها به ڳالهه ڪندو هلان ته هن وقت جيڪو پاناما ليڪس ليڪس وارو معاملو آهي انهي تي به ڇا احتساب ٿيندو يا نه.؟پر انهي احتساب کي ملڪي حڪمران انتقام جو نالو ڏئي رهيا آهن اپوزيشن ملڪي مفاد قرار ڏئي رهيا آهن.ميان نواز شريف سمجهي ٿو ته ڪجهه سياسي حلقا سندس احتساب جي آڙ ۾ شريف خاندان جي پاڪستاني سياست مان هميشه جي لاءِ آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن..جڏهن آصف علي زرداري جو اهو خيال آهي ته احتساب جي آڙ اندر ڀٽو ازم کي هيمشه لاءِ دفن ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.ٻئي طرف عمران خان جو اهو گمان آهي ته جيڪڏهن ميان صاحب ۽ ڀٽو فيڪٽريز  احتساب جي شڪنجي ۾ ڦاسي ٿا پون ته کيس وزيراعظم ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي.

جڏهن ته انهي متل ٻڙدڪ ۾ ڪجهه ننڍيون ننڍيون سياسي جماعتون ٻيون به آهن ۽ ملڪ اندر ملڪي پسئو ٻاهر لٽايو پيو وڃي.جيڪو آف شوز ڪيمپين جي صورت ۾ سڀني جي سامهون آهي.انهي ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستاني عوام جو پئسو جيڪو ٻاهر خرچ ٿي رهيو آهي جيڪڏهن انهي پسئي جو چوٿون حصو به ملڪي عوام تي خرچ ڪيو وڃي ته ڪجهه سالن اندر مان مان غربت جو خاتمو ٿي سگهي ٿو.ڏٺو وڃي ته ملڪ جي هن وقت 70ارب رپين جو قرضو آهي ۽ پاڪستاني پيئسو 200ارب کان مٿي جو آهي انهي ڪري اها سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن انهي پسئي جو چوٿون حصو پاڪستان اچي ته پاڪستان تان سندس قرض به لهي سگهي ٿو.پر اهو تڏهن ئي ممڪن آهن جڏهن ملڪ اندر ڪرپشن ڪندڙ خلاف احتساب ڪيو وڃي ۽ احتساب به اهڙو ڪيو وڃي جنهن اندر ڪنهن مظلوم سان ظلم نه ٿي ۽ ڪنهن جابر کي انصاف نه ملي.؟ان ڪري هن وقت پاڪستان جي عوام کي  عدالت جي محفوط ڪيل فيصلي  مان  وڏيون اميدون آهن.ته عدالت انهي معاملي اندر ڪو ڪردار ادا ڪري جيئن ملڪ ۽ ملڪي قوم جي حقن جو جائز  استعمال ٿي سگهي.

****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *