تاريخ تلخ آهي ججز ماضي ۾ شين کي مڃيو، هتي معاملو مختلف آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: (م.ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ڪلپ جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن قائم ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران مبينا آڊيو جو فارنزڪ تجزيو ڪرائڻ جي آڇ ڪندي اٽارني جنرل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل کان پرڏيهي فارنزڪ ايجنسين جا نالا طلب ڪري ورتا آهن. چيف جسٽس اطهر من الله سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر صلاح الدين احمد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته اوريجنل آڊيو ڪلپ جي خبر ناهي ته اها ڪٿي موجود آهي؟ درخواست ڏيندڙ وڪيل صلاح الدين احمد چيو ته ان بابت اسان کي به صحيح خبر ناهي. اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان جي مبينه آڊيو ڳالهه ٻولهه جي انڪوائري ڪرائي وڃي ته اها صحيح آهي يا غلط؟ اسان جي استدعا آهي ته معاملي جي انڪوائري لاءِ هڪ آزاد ڪميشن جوڙيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته هي سموريون شيون التوا هيٺ اپيل بابت آهن جن جون اپيلون آهن انهن انڪوائري جو مطالبو ناهي ڪيو. جڏهن ته اوهان جي پٽيشن ۾ الزام آهي ته هن عدالت جون بينچز ڪنهن دٻاءُ ۾ ٺاهيون ويون. صلاح الدين ايڊووڪيٽ چيو ته ان جي پٽيشن ۾ اهو الزام ناهي، اهو الزام رانا شميم جي حلفي بيان ۾ لڳايو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته تاريخ واقعي تلخ آهي ججز ماضي ۾ شين کي مڃيو، هتي معاملو مختلف آهي. ڇا ڪورٽ ڪمپرومائزڊ هئي ۽ بينچ پريشر ۾ ٺاهيو ويو هو؟ ان بابت ڪو ننڍو به ثبوت آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته جڏهن اوهان چئو ٿا ته انڪوائري ٿيڻ گهرجي ته اها بينچ ۾ شامل ججز جي ٿيندي. بينچ ۾ شامل ججز جي آرڊر سان ڪٿي اهو ثابت ٿئي ٿو؟ آرڊر ته ان جي ابتڙ آيو. درخواست ڏيندڙ صلاح الدين ايڊووڪيٽ چيو ته منهنجي پٽيشن ۾ بنيادي استدعا ثاقب نثار جي آڊيو ڪلپ جي انڪوائري بابت آهي. ان ۾ اهو ناهي چيو ويو ته ٻئي طرف هو ڪنهن جج سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ٻيا حوالا سمجهائڻ جي لاءِ پٽيشن ۾ شامل ڪيا ويا. هن چيو ته اڃان اهو مرحلو ناهي جو اسان ڪنهن کي ڏوهاري يا بي قصور قرار ڏيون. اها ڳالهه وقت کان اڳ هوندي اهي شيون انڪوائري جي دوران ڏٺيون وينديون. صحافي احمد نوراني فيڪٽ فوڪس تي ثاقب نثار جي آڊيو ڪلب جي حوالي سان اسٽوري ڪئي. آڊيو ڪلپ جي فانرزڪ رپورٽ موجب ان کي ايڊٽ ناهي ڪيو ويو. صلاح الدين ايڊووڪيٽ فانرزڪ رپورٽ پڙهي ٻڌائي ۽ عدالتي پڇاڻي تي ٻڌايو ته اها رپورٽ انٽرنيٽ تان حاصل ڪئي وئي. هن چيو ته آڊيو ڪلپ جي ڪاپي سمورن چينلز وٽ آهي. جنهن اها آڊيو هلائڻ جو رسڪ ورتو. چينلز ان کي سنجيده وٺي توهين عدالت جي ڪارروائي جي امڪان باوجود اها آڊيو ڪلپ هلائي. جسٽس اطهر من الله چيو ته انٽرنيٽ تي ته تمام گهڻيون شيون اينديون آهن. سڀاڻي التوا هيٺ ڪيسز ۾ وڌيڪ پٽيشنز اچي وينديون ته هي آڊيو آهي، ان جي انڪوائري ڪرايو. چيف جسٽس چيو ته اڃان جنهن فارنزڪ ايجنسي جي رپورٽ اوهان ٻڌائي رهيا آهيو اها انٽرنيٽ تان حاصل ڪئي وئي. ان رپورٽ تي ڀاڙي نٿو سگهجي. پاڪستان بار ڪائونسل ۽ اٽارني جنرل فارنزڪ ايجنسي جو نالو ٻڌائي. ان کان ان بابت رپورٽ وٺي ٿا ڇڏيون. جسٽس اطهر من الله پڇڻو ڪيو ته جيڪڏهن هن آڊيو ڪلپ جو فارنزڪ ڪرايون ته ان جو خرچ ڪير برداشت ڪندو؟ صلاح الدين ايڊووڪيٽ چيو ته اهو خرچ قانون واري وزارت کڻي سگهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو ان تي ڇو خرچ ٿئي؟ اوهان ڪنهن به فانزڪ ايجنسي جو نالو تجويز ڪريو جنهن کان هن آڊيو ڪلپ جو فارنزڪ ڪرايو وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت اٽارني جنرل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل کان پرڏيهي فانزڪ ايجنسين جا نالا طلب ڪري ورتا ۽ پٽيشنر کي آڊيو ڪلپ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 28 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *