تاريخ بگاڙي نه وڃي، حقيقتون صحيح رکيون وڃن، شهيد ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو بطور وزيراعظم ميرانشاهه جو دورو ڪري چڪا آهن: زرداري

لاهور (م.ڊ) پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري نواز شريف جي اتر وزيرستان جو دورو ڪندڙ پهريون وزيراعظم جي دعويٰ کي غلط قرار ڏيندي چيو آهي ته تاريخ بگاڙي نه وڃي، حقيقتون صحيح رکيون وڃن ان کان پهريان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو بطور وزيراعظم ميرانشاهه جو دورو ڪري چڪا آهن. بلاول هائوس ۾ سرگوڌا ڊويزن جي پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کي خطاب ۾ زرداري ان حڪومتي پروپئگنڊا تي سخت تنقيد ڪئي ته نواز شريف ميرانشاهه جو دورو ڪندڙ پهريون وزيراعظم آهي. آصف زرداري چيو ته 6 7 9 1 ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ 6 9 9 1 ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو بطور وزيراعظم ميرانشاهه جا دورا ڪيا هئا. هن چيو ته تاريخ کي بگاڙيو نه وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *