بگ باس بيڪار شو آهي، صرف پئسن لاءِ ڪم ڪرڻو پيو: ريمي سين

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس جي سيزن 9 جي ڪنسلٽنٽ اداڪاره ريمي سين چيو آهي ته مان هميشه سوچيندي هئس ته بگ باس هڪ بيڪار شو آهي پر ان ۾ صرف پئسن جي لاءِ  ڪم ڪيو.ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ريمي سين چيو ته مون بگ باس جي سيزن 9 ۾ ڪم صرف ان لاءِ ڪيو ڇو ته مون کي تمام گهڻن پئسن جي آڇ ٿي هئي. هن چيو ته مان هميشه سوچيندي هئس ته بگ باس هڪ بيڪار شو آهي جتي ماڻهو 3 مهينن تائين ڪافي جي لاءِ وڙهندا آهن پر مون کي بگ باس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪافي پئسن جي آڇ ٿي ان ڪري ڪم ڪرڻ جي لاءِ راضي ٿيس.ريمي موجب بگ باس شو هڪ اهڙي موڪلن جيان لڳندو آهي جنهن جو اوهان کي معاوضو ملندو آهي پر جڏهن مان ان گهر(بگ باس) ۾ داخل ٿيس ته مون کي محسوس ٿيو ته هي ڪهڙي طرح اوهان جي نفسيات سان کيڏي رهيو آهي. بگ باس ۾ هر شخص هڪ ٻئي کي خراب چوندو آهي.واضح رهي ته ان کان اڳ به ريمي سين بگ باس جي معاوضي بابت ڳالهيون ڪري چڪي آهي جنهن ۾ ان جو چوڻ هو ته مان بگ باس صرف پئسن جي لاءِ ڪيو مون کي بگ باس 49 ڏينهن ۾ 2 ڪروڙ 25 لک ڏنا ايتري گهٽ وقت ۾ ايترا پئسا ٻئي هنڌ نٿا ڪمائي سگهجن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *