بک ۽ بيماري وگهي ڇاڇرو ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا

ٿرپارڪر (نمائندو) ڏڪار سٽيل ٿر ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، بک ۽ بيماري وگهي ڇاڇرو ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي، جنهن بعد 56 ڏينهن دوران فوتين جو انگ وڌي 141 ٿي ويو آهي. ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ رتن جو تڙ ۾ پورهيت محمد راهمون جي ڏيڍ ورهين جي ڌيءُ ثمينه فوت ٿي وئي. ٿر ۾ بک ۽ بيمارين وگهي 56 ڏينهن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي 141 ٿي ويو آهي، پر سرڪار پاران ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ ناهن ورتا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *