بي جي پي پاران 2016 ۾ شهيد بابري مسجد جي جاءِ تي رام مندر جي تعمير جو اعلان

نئين دهلي(اي پي پي) ڀارت جي حڪمران جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي ايوڌيا ۾ شهيد بابري مسجد جي جاءِ تي رام مندر جي تعمير جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته 2016ع ۾ رام مندر جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويندو. ڀارتي ميڊيا مطابق بي جي پي جي سينيئر اڳواڻ سيرامنيم سوامي آچر تي ٻڌايو ته سندس جماعت ايوڌيا ۾ رام مندر جي تعمير جي پنهنجي منصوبي ۽ واعدن کي عملي شڪل ڏيندي ۽ 2016ع ۾ رام مندر جي تعمير جو ڪم شروع ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم نريندر مودي مندر جي تعمير جي ڏس ۾ هن کان 2016ع تائين وقت گهريو آهي. انتها پسند هندو جماعت جي اڳواڻ چيو ته مندر جي تعمير لاءِ پارليامينٽ ۾ ووٽنگ جي ضرورت ناهي ان لاءِ رڳو صدر پاران هڪ پريس پڌرائي به ڪافي آهي ۽ اها پريس پڌرائي ڪابينه تيار ڪري سگهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *