بي اعتمادي رٿ آئيني حق آهي، ان کي استعمال ڪرڻ کان ڪير نٿو روڪي سگهي: شهباز شريف

ڪراچي (م ڊ) اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي عوام کي تڪليفن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، غربت آسمان کان ڳالهيون ڪري رهي آهي، بي اعتمادي رٿ آئيني حق آهي، ان آپشن کي استعمال ڪرڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته مون کي قوم آڏو خوار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، صاف پاڻي ۾ گهرائي آشيانه ۾ گرفتار ڪيو ويو، صاف پاڻي ۾ اربين جي ڪرپشن ڪئي وئي، مون تي صاف پاڻي ڪمپني جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، هن چيو ته آڪٽوبر 2018ع ۾ نيب مون کي گهرايو، صاف پاڻي ڪيس ۾ سڀني ماڻهن کي باعزت بری ڪيو ويو، انجنيئر راجا صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيترائي مهينا جيل ۾ رهيو، شهباز شريف چيو ته صاف پاڻي ڪيس ۾ عدالتي فيصلو اسان سڀني جي ڪاميابي آهي، قوم جي هڪ هڪ پائي بچائي آهي، سڀني کان گهٽ واڪ ڏيڻ وارن کان وڌيڪ پيسا گهٽ ڪرايا، هن چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ ڪمپني جي سي اي او، چيئرمين کي به نه ڇڏيو، پيپرا قانون چوي ٿو واڪ ڏيڻ وارن کان حڪومت هٿ چراند نٿي ڪري سگهي قوم جا اربين رپيا بچايا، ان ڏوهه جي سزا ساڍا 3 سالن کان ڀوڳي رهيو آهيان، هن چيو ته غريب قوم جي هڪ هڪ پائي کي بچائڻ لاءِ هر ڏوهه ڪندو رهندس، قوم لاءِ هزارين ڏوهه ڪري چڪو آهيان جنهن ۾ سوين ارب روپيا بچايا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *