بي آر ٽي پروجيڪٽ تي ڪم کي تيز ڪريو، معيار تي ڪوبھ سمجهوتو قبول ناھي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماء، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بي آر ٽي ريڊ لائن ڪانٽريڪٽرن کي هدايت ڏني آھي ته پنهنجي وسيلن سميت پوري افرادي قوت کي پروجيڪٽ سائيٽ تي پهچائين ۽  ڇنڇر ڏينهن کان پروجيڪٽ تي فل فلو ۾ ڪم  جي شروعات ڪن.  پرين (ڇنڇر) تي سائيٽ جو دورو ڪندس. اهي هدايتون هن بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ بابت ٽرانس ڪراچي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ريٽائرڊ) الطاف حسين ساريو، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او واصف اجلال، سي ايف او جتن ڪمار، جي ايم /پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد مرتضٰي اصغر، پروجيڪٽ ڪنسلٽنٽ سهيل عابدي، ڪانٽريڪٽر زيڊ ڪي بي محمد عامر چٺا، ڪانٽريڪٽر امين جان ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ بي آر ٽي جي مسئلن ۽ رڪاوٽن تي تفصيلي سان غور ۽ ويچار ڪيو ويو.  صوبائي وزير چيو ته هي پروجيڪٽ ٻن سالن ۾ مڪمل ڪرڻو آهي، سنڌ حڪومت ٽرانس ڪراچي ۽ ڪانٽريڪٽرز سان مڪمل سهڪار ڪندي. مان ۽ منهنجي ٽيم 100 سيڪڙو توهان سان گڏ آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ريڊ لائن پروجيڪٽ ڪراچي جو اهم ترين پروجيڪٽ آهي، جنهن سان شهر جي انفراسٽرڪچر ۾ بهتري، شهرين کي آرام ده ۽ محفوظ سفري سهولت فراهم ٿيندي. حڪومت چاهي ٿي ته پروجيڪٽ جلد کان جلد مڪمل ٿئي. هن چيو ته ٽرانس ڪراچي يقيني بنائي ته پروجيڪٽ جي ڪم ۾ ڪابہ رڪاوٽ نه اچي ۽ هڪ ڏينهن جي بہ دير نه ٿئي، ان موقعي تي ٽرانس ڪراچي جي سي اي او ٻڌايو ته ٽينڪ چوڪ کان صفوران چورنگي تائين چار ڪلو ميٽر کي ٻن  سيڪشنز ۾ ورھائي، ڪانٽريڪٽرز حوالي ڪيو ويو آهي .يوٽيليٽي انسٽاليشن جي ڪري رڪاوٽون آيون آهن ۽ جنھن ڪري رفتار ٿوري سست آهي .سوئي سدرن، ڪي اليڪٽرڪ، پي ٽي سي ايل، واٽر بورڊ سيمت ست يوٽيليٽي ڪمپنيز جي انسٽاليشن  آهن. اجلاس دوران ٽرانسپورٽ جي وزير هدايت ڏني ته پروجيڪٽ ۾ سموريون رڪاوٽيون ختم ڪيون وينديون. پروجيڪٽ۾  غير ضروري دير ڪرڻ سان حڪومت تي تنقيد ٿئي ٿي ، جڏهن ته پروجيڪٽ جي لاڳت ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو ۽ حڪومت تي ڏنڊ  به ڀرڻا پون ٿا. شرجيل انعام ميمڻ پروجيڪٽ جي ٺيڪيدارن کي هدايت ڏني ته پروجيڪٽ تي ڪم کي تيز ڪن، ڪم جي معيار تي ڪوبہ سمجهوتو قابل قبول نه ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *