بين اسٽوڪس جي ٻن ويڳن ڀينرن ڀائرن کي ننڍپڻ ۾ ئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

 

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) انگلش اسٽار آل رائونڊر بين اسٽوڪس جي 2 ويڳن ڀينرن ڀائرن کي ننڍپڻ ۾ ئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.برطانوي اخبار موجب اسٽوڪس جي والدا ڊيب طرفان طلاق وٺڻ کانپوءِ اڳوڻي مڙس رچرڊ ڊون 1988ع ۾ سندس 8 ورهين جي ويڳي ڀيڻ ۽ 4 ورهين جي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، طلاق کانپوءِ ڊيب رگبي ڪوچ جيرارڊ اسٽوڪس سان شادي ڪئي، ان ڏکوئيندڙ واقعي جي 3 سالن کانپوءِ بين اسٽوڪس جي پيدائش ٿي هئي.اخبار سمورن واقعن ۽ ٻارن جي تصويرن سان گڏجي رپورٽ شايع ڪئي، جنهن تي بين اسٽوڪس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي پنهنجي والدين جي نجي زندگي ۾ مداخلت قرار ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *