بينظير ڀٽو کي شهيد ڪرڻ وارن مان هڪ کانسواءِ سڀ ماڻهو ختم ٿي ويا: آصف زرداري

نئون ديرو (بيورو) نئون ديرو ۾ اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي 62 هين سالگره جي تقريب منعقد ٿي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته بينظير کي شهيد ڪرڻ وارن صرف هڪ ماڻهو بچيو آهي باقي سڀ ختم ٿي ويا آهن، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هيليڪاپٽر ذريعي نئون ديرو مان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتو، بختاور ڀٽو زرداري، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد به ساڻس گڏ هئا. آصف زرداري بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري ۽ چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي، اڳوڻو صدر چادر چاڙهڻ کانپوءِ باءِ روڊ واپس نئون ديرو روانو ٿيو جتي قرآن خواني کانپوءِ سالگره جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو ته ان کي ڪجهه ٿيو ته ڪهڙا ماڻهو ذميوار هوندا. هن چيو ته بينظير ڀٽو کي شهيد ڪرڻ وارن مان صرف هڪ بچيو آهي باقي ختم ٿيويا آهن.  اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته سڀ ادارا پنهنجي اختيارن ۾ رهي ڪم ڪن، پاڪستان ۾ فيصلا گولي سان نه پر ووٽ جي طاقت سان ٿيڻ گهرجن. بينظير جي سالگره جي موقعي تي نئون ڊيرو هائوس ۾  پ پ جي اهم اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو. ان موقعي تي آصف زرداري چيو ته سياسي ۽ عسڪري اتحاد دهشتگردن خلاف ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هي جنگ اتحاد سان ئي کٽي سگهجي ٿي، عسڪريت پسندن کي طاقت جي زور تي ايجنڊا مڙهڻ نه ڪرڻ ڏينداسين، هن چيو ته مڙئي ادارا پنهنجي اختيارن ۾ رهي ڪم ڪن، ملڪ ۾ جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي، پاڪستان ۾ فيصلا گولي سان نه پر ووٽ جي طاقت سان ٿيڻ گهرجن.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته محترمه کي شهيد ڪندڙ سوا هڪ جي سڀ ختم ٿي ويا، بينظير قتل ڪيس ۾ هڪ جنرل خلاف ايف آءِ آر آهي، محترمه لکرايو هو ته جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته مشرف ذميوار هوندو، ايف آءِ آر واپس نه وٺنداسين، مسئلا ڪجهه ٻيا آهن، ڏيکاريو ڪجهه ٻيو پيو وڃي، نئون ديرو ۾ بينظير جي 62 سالگره تقريب ٿي، ان موقعي تي آصف زرداري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته محترمه کي شهيد ڪندڙ سوا هڪ جي سڀ ختم ٿي ويا، آصف علي زرداري نئون ديرو هائوس ۾ ڳڙهي خدا بخش پهتو، بختاور ڀٽو ۽ وزيراعظم آزاد ڪشمر عبدالمجيد چوڌري ساڻس گڏ هئا، آصف زرداري مزار تي حاضري کانپوءِ روڊ ذريعي نئون ديرو واپس هليو ويو، جتي قرآن خاني کانپوءِ سالگره تقريب ٿي جنهن کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي ۾ ٻڌايو هو ته بينظير ڪجهه ٿيو ته ڪهڙا ماڻهو ذميوار هوندا، بينظير کي شهيد ڪندڙن مان صرف هڪ ماڻهو بچيو آهي، هن چيو ته بينظير پاڻ چيو هو ته مون کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار پرويز مشرف هوندو، آصف زرداري چيو ته پرويز مشرف جو نالو مان نه پر شهيد بينظير پاڻ لکرايو هو، هن چيو ته ڪيترو به ظلم ڪيو وڃي پر ايف آءِ آر واپس نه وٺنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *