بينظير ڀٽو قتل ڪيس: وڪيل آخري شاهد پيش ڪرڻ ۾ ناڪام، مشرف جي آزادي جا چٽا امڪان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بينظير ڀٽو جي قتل جي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر ۽ رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جي وڪيل دعويٰ ڪئي آهي ته مخالف وڪيل ڪيس ۾ آخري شاهد پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن جنهن سان اڳوڻي صدر کي آزاد ڪرڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن، ياد رهي ته گذريل هفتي بينظير قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيل ن خلاف گواهه قرار ڏنل انٽيلجنس بيورو جي اڳوڻي چيف اعجاز شاهه کي شاهدن جي لسٽ مان ڪڍي چڪا آهن، پرويز مشرف خلاف بينظير قتل ڪيس 2010 ۾ 4 شاهدن جي گواهي تي قائم ڪيو ويو هو، شاهدن ۾ اڳوڻو گهرو سيڪريٽري سيد ڪمال شاهه، اڳوڻو ڊي جي نيشنل ڪرائيسز مينيجمينٽ سيل رٽائرڊ برگيڊيئر جاويد اقبال چيما، اڳوڻو آءِ بي ڊائريڪٽر جنرل رٽائرڊ برگيڊيئر اعجاز شاهه، هڪ آمريڪي مارڪ سيگل شامل آهن، ڪمال شاهه ۽ اقبال چيما پنهنجا بيان عدالت ۾ هلندڙ سال جنوري ۾ رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا، خانگي ٽي وي مطابق مشرف جي وڪيل ايڊووڪيٽ الياس صديقي جي دعويٰ آهي ته ڪمال شاهه ۽ اقبال چيما ٻنهي پنهنجي بيان ۾ مشرف خلاف شاهدي نه ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *