بينظير قتل ڪيس؛مارڪ سيگل جي وڊيو بيان لاءِ عدالتي حڪم پهچائڻ بابت آمريڪي سفارتخاني جي خاطري

راولپنڊي (بيورو) آمريڪي سفارتخاني جي عملدار، شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ صحافي مارڪ سيگل جو وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالتي حڪم پهچائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته گهرو وزارت به انتظام مڪمل ڪرڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي آهي. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راءِ ايوب مارٿ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران پنجن شاهدن مان هڪ شاهد جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ چئن شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ لاءِ  سمن جاري ڪيا ويا آهن. آمريڪي سفارتخاني جي عملدار شڪيب الحسن عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بابت  آمريڪي صحافي مارڪ سيگل تائين عدالتي حڪم ايندڙ ٻڌڻي تائين پهچايو ويندو. عدالت ۾ وفاقي گهرو وزارت پاران آمريڪي صحافي جو وڊيو بيان رڪارڊ ڪرڻ بابت انتظام مڪمل ڪرڻ واري رپورٽ به پيش ڪئي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *