بينظير جي قتل ۾ دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ جو شاگرد ملوث هو: سرڪاري شاهد

راولپنڊي(بيورو)دهشتگردي جي خاص عدالت جي جج پرويز اسماعيل جوئيه اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ 2 شاهد ايف آءِ اي جي انسپيڪٽر نصير علي خان ۽ سب انسپيڪٽر محمد عدنان جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا، دهشتگردي جي خاص عدالت ۾ ايف آءِ اي جي انسپيڪٽر نصير احمد پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ۽ ملوث سمورا جوابدار مدرسه دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ جا شاگرد هئا سڀئي گڏجي پڙهندا رهيا، انهن ۾خودڪش بمبار عبدالله عف صدام، نادر عرف قاري اسماعيل، رشيد احمد عرف ترابي، فيض محمد ڪسڪٽ شامل آهن، نصير احمد ٻتايو ته انهن چئن جو انهن مدرسي وڃي رڪارڊ چيڪ ڪيو ۽ ان رڪارڊ جي نقل به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي انهن چئن ئي جوابدارن جي مدرسي ۾ رجسٽرين نمبر 18642، 17816، 21716 ۽ 23629 هئي، سمورا جوابدار ڊي آءِ جي سعود عزيز، ايس پي خرم شهزاد، اعتزاز شاهه، شير زمان، رفاقت، حسنين ۽ عبدالرشيد به عدالت ۾ موجود هئا، انهن شاهدن تي جرح به مڪمل ڪرڻ کانپوءِ عدالت ٻڌڻي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪندي وڌيڪ 5 شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *