بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين انور بيگ عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو)  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين انور بيگ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم نواز شريف سندس استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين انور بيگ، نيپال روانگي کان اڳ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري استعيفيٰ پيش ڪئي. ذريعن موجب، انور بيگ اداري جي ڪارڪردگي مان مطئمن نه هئڻ ۽ پروگرام ۾ ٻن ميمبرن کي شامل ڪرڻ تي اعتراض بعد استيعفيٰ ڏني آهي. ذريعن جو چو آهي ته وزيراعظم نواز شريف، انور بيگ جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته انور بيگ کي هڪ سال اڳ نومبر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *