بيلاروس حڪومت ۽ سيڙپڪار سنڌ ۾ سرمائيڪاري ڪن، کين ڀليڪار چونداسين: وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ سنڌ سرڪار عوام جي وسيع مفاد ۾ انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. هن چيو ته اسان بيلاروس حڪومت ۽ سندن سيڙپڪارن کي ڀليڪار چونداسين ته هو اچن ۽ اسان سان توانائي، زراعت ۽ پاڻي جي شعبن ۾ سهڪار ڪن ۽ انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي.  هن اها ڳالهه اڄ خميس ڏينهن وزير اعليٰ هائوس ۾ جمهوريه بيلاروس جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. وفد جي اڳواڻي وزير صنعت ويٽالي ووڪ ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ناڻي ۽ توانائي وارو سينئر صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، وزير اعليٰ جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻيا شريڪ هئا. وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، جهڙوڪ ڪوئلو، ونڊ، سولر، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ خود ڪفيل آهي. سنڌ سرڪار صوبي جي عوام جي وسيع تر مفاد ۾ انهن ذريعن جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ سرڪار ونڊ ۽ سولر انرجي پيدا ڪري رهي آهي جڏهن ته ٿر جي ڪوئلي مان به تمام جلد بجلي پيدا ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه بيلاروس جي حڪومت ۽ سيڙپڪارن کي سنڌ صوبي جي ڪنهن به شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته اسان اوهان کي هر طرح جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ان موقعي تي بيلاروس جي وزير چيو ته وٽن زمين مان پاڻي ڪڍڻ جون مهارتون آهن جنهن ۾ فيلڊ ريسرچ ۽ ڪنهن به مخصوص علائقي جي زير زمين پاڻيءَ جي چڪاس شامل آهي. هن چيو ته انهن وٽ افقي ڊرلنگ رگس ۽ بورنگ ڪرڻ جون جديد ترين مشينون ۽ زير زمين پاڻي جي ليبارٽري ٽيسٽ ڪرڻ جون سهولتون موجود آهن ۽ هن چيو ته اسان سنڌ سرڪار سان گڏجي زير زمين پاڻي تي ڪم ڪري سگهون ٿا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هنن وٽ زراعت واري شعبي ۾ جديد مشينن ۽ اوزارن جون سهولتون به موجود آهن ۽ ٻڌايو ته سندن ٽريڪٽر سموري پاڪستان خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ وڏا مشهور آهن. اسان وٽ هر ڪاهڻ، ٿريشرز ۽ ٻيون لاڳاپيل مشينون ۽ اوزار موجود آهن جنهن لاءِ صوبي ۾ پلانٽ تعمير ڪري پيداواري خرچ ۾ گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي. بيلاروس جي وفد توانائي واري شعبي خاص طور تي ونڊ ۽ سولر انرجي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ان کانسواءِ ڪول انرجي تي به ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته اسان يقينن ان شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا ان لاءِ مان اوهان کي بيلاروس حڪومت طرفان بيلاروس جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيان ٿو ته جيئن گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ٻين معاملن تي به تفصيلي ڳالهائي سگهجي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ٿرپارڪر ۾ پاور پلانٽ لڳائڻ ۽ مشينن جي چُرپُر لاءِ ڪراچي کان ٿرپارڪر تائين اعليٰ معيار وارو روڊ جي تعمير ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان کي ڪراچي کان ٿرپارڪر تائين ڪوئلي تي مبني پاور پلانٽ لاءِ مشينن جي چُرپُر لاءِ ڪراچي کان ٿرپارڪر تائين هيوي ٽرڪن جي ضرورت آهي. ان تي بيلاروس جي وزير ٻڌايو ته کين هيوي ڊيوٽي وهيڪل بڻائڻ ۾ مهارت حاصل آهي ۽ اهي وڏي خوشيءَ سان سنڌ ۾ ان قسم جو پلانٽ سنڌ ۾ تعمير ڪري سگهن ٿا. وڏي وزير بيلاروس جي وفد جا ٿوار مڃيا ۽ انهن کي سينئر صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سندن ٽيم سان گڏجي سيڙپڪاري جي تجويزون ۽ ٻين ڪاغذي ڪاررواين لاءِ اجلاس منعقد ڪرڻ جي دعوت ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *