بولڊ اداڪاره سني ليون تمام جلد هڪ هارر ڪاميڊي فلم ۾ نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ جي مشهور ۽ بولڊ اداڪاره سني ليون تمام جلد هڪ هارر ڪاميڊي فلم ۾ نظر ايندي. خبرن موجب تمام گهٽ عرصي ۾ تمام زبردست نموني هندي ٻولي ڳالهائيندڙ اداڪاره سني ليون پنهنجي ايندڙ هارر ڪاميڊي فلم “ڪوڪا ڪولا” ۾ ڪردار سٺي نموني نڀائڻ لاءِ اتر پرديش جو هندي لهجو سکي رهي آهي. ان بابت هڪ بيان ۾ سني ليون چيو ته جڏهن ڳالهه ڪم جي اچي ويندي آهي ته مان نيون شيون سکڻ لاءِ سدائين دماغ کليل رکندي آهيان، پوءِ اها نئين ٻولي سکڻ جي ڳالهه ڇو نه هجي./ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 25

سني وڌيڪ چيو ته ان سان هڪ سٺو اداڪار ٿيڻ ۾ مونکي وڌيڪ مدد ملندي آهي ۽ ڪم دوران نيون شيون سکڻ جو پنهنجو مزو آهي. مشهور اداڪاره چيو ته مان هڪ نئين ٻولي سکي رهي آهيان، جيڪا سٺي نموني ڳالهائڻ لاءِ گهڻي محنت به ڪري رهي آهيان. سني ليون ڪينيڊا ڄائي ڀارتي اداڪاره ۽ ماڊل آهي، جنهن باليووڊ انڊسٽري کي ڪيتريون ئي بهترين فلمون ڏنيون آهن ۽ پنهنجي بولڊ انداز سان سڄي دنيا ۾ سڃاڻ ٺاهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *