بوسنيا سان ڀائپي ۽ محبت تي ٻڌل لاڳاپن کي پاڪستان اهميت ڏئي ٿو: جنرل باجوه

راولپنڊي (م.د) پاڪستان جي دوري تي پهتل بوسنيا جي صدر جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات، جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيل ملاقات دوران دفاعي مامرن ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب بوسنيا جي صدر خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪئي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته بوسنيا سان ڀائپي ۽ محبت تي ٻڌل لاڳاپن کي پاڪستان اهميت ڏئي ٿو، بوسنيا جي صدر طرفان جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي گُل رکِي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *