بورڊ اختيارين تي ڪاوڙ:مڪي آرتهر ۽ گرانٽ فلاور بقايائون وٺي گهر روانا

 

لاهور: (اسپورٽس نيوز) اڳوڻو پاڪستاني هيڊ ڪوچ مڪي آرتهر ۽ بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور بقايائون ملڻ کان پوءِ خاموشي سان پنهنجي ملڪ روانا ٿي ويا آهن.ياد رهي ته مڪي آرتهر جو معاهدو 15 آگسٽ تائين هو پر واڌ نه ٿيڻ سبب کيس گهر جو رستو وٺنو پيو. اڳوڻي هيڊ ڪوچ يقين ڏياريو هو ته کيس وڌيڪ ٽيم جون ذميواريون سنڀالڻ جو موقعو ڏنو وڃي پر بورڊ طرفان اوچتو فيصلو ٻڌائڻ سبب هو بورڊ اختيارين سان ڪاوڙيل هئو.نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ به هو گهڻو وقت فون تي مصروف رهندو هو.  هن اين سي اي اسٽاف سان ڳالهائڻ به پسند نه ڪيو ۽ ويندي الوداعي ملاقات ۽ تصويرون ڪڍرائڻ به پسند نه ڪيون.اڳوڻي بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور معاهدو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪم لاءِ خواهشمند هو پر کيس به پي سي بي طرفان فارغ ڪرڻ تي هو پي سي بي اختيارين سان ناراض آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *