بوري والا ۾ بس ڪلٽي، 5 ڄڻا فوت ، 30 کان وڌيڪ زخمي

بوري والا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي علائقي بوري والا ويجهو سخي سرور جي ميلي تي ويندڙ پانڌيئڙن جي بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا  ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس موجب لڊن روڊ تي لاهور کان سخي سرور جي ميلي تي ويندڙ پانڌيئڙن جي بس برسات سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5  ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن لاش ۽ زخمين کي بوري والا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اسپتال ۾ داخل زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن ۽ زخمين جو تعلق پنجاب جي منگا منڊي واري علائقي سان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *