بهار مودي کي آرسي ڏيکاري ڇڏي، چونڊن ۾ بي جي پي کي بدترين مات

پٽنه (م.ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي انتها پسند پاليسين جو پهريون نتيجو ملي ويو، بهار جي چونڊن ۾ بي جي پي کي مات ملي ۽ جنتا دل اتحاد گهڻائي ماڻي ورتي، نتيش ڪمار ئي وڏو وزير رهندو.بڪا-بهار مودي کي آرسي ڏيکاري ڇڏي،مودي سرڪار جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ کان هاڻي تائين پاڪستان ۽ مسلمان مخالف قدم، بيان، ۽ دعويٰ، مٽي ۾ ملي ويا، ڀارتي عوام بي جي پي جي تخت کي اونڌو ڪري ڇڏيو،۽ اهو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته ڀارت ۾ عوام کي هڪٻئي سان نه ٿو ويڙهائي سگهجي.نتيش ڪمار جي اڳواڻي ۽ لالو پرساد جي ساٿ ۾ ان اتحاد 140 کان وڌيڪ سيٽون ماڻي ورتيون آهن، ميٿيلا،سيمانچل، بوج پور ميگاڊهه ۽ انگا، سڀ صاف ٿي ويا، جتنا دل بي جي پي تي ٻهارو ڦيري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *