بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دورو: پي سي بي نخرا ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا

 

لاهور: (اسپورٽس نيوز) پي سي بي بنگلاديش کي پاڪستان جي دوري دوران ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ کيڏڻ جي آڇ ڪئي آهي.بنگال ٽائيگر ايندڙ سال جنوري ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ اچڻو آهي. پي سي بي طرفان ناز نخرا ڏيکارڻ جي روايت جاري آهي ۽ اڃان تائين ان بابت ڪوبه  حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.پي سي بي ان سيريز ۾ هڪ ٽيسٽ ميچ، ڊي اينڊ نائٽ کيڏڻ جو خواهشمند آهي. قذافي اسٽيڊيم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڊي اينڊ نائٽ ٽيسٽ مقابلن کي هٿي ملي رهي آهي.جيڪڏهن اسان هوم سيريز ۾ هڪ ٽيسٽ کيڏڻ جو پلان ٺاهيون ته سيزن به ڊگهي ڪري سگهون ٿا. جن مهينن ۾ ڏينهن جي وقت ٿوري گرمي هوندي آهي.ان جي دوران رات جو موسم بهتر ٿي ويندي آهي ۽ ڊي اينڊ نائچ ميچ کيڏي سگهجن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *