بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي هيڊ ڪوچ اسٽيو رهوڊز کي جواب ڏئي ڇڏيو

 

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز ) مشن ورلڊ ڪپ ۾ ناڪامي کانپوءِ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي هيڊ ڪوچ اسٽيو رهوڊز کي عهدي تان فارغ ڪري ڇڏيو.بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ناظم الدين چوڌري جو چوڻ آهي ته بورڊ ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ گڏيل رضامندي سان هيڊ ڪوچ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ناظم الدين چوڌري موجب بنگلاديشي رانديگر ڪرڪيٽ جي عالمي ميلي ۾ بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا جنهنڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.بي سي بي چيئرمين وڌيڪ چيو ته جيئن هلندڙ مهيني سريلنڪا جي دوري تي وڃڻو آهي تنهنڪري في الحال رڳو هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي پر ايندڙ مهيني سمورا ڪوچ تبديل ٿي سگهن ٿا.واضح رهي ته اڳوڻي انگلش وڪيٽ ڪيپر اسٽيو رهوڊز گذريل سال ئي بنگلاديش جي هيڊ ڪوچ جي حيثيت ۾ ذميواريون سنڀاليون هنيون ۽ سندس معاهدو ايندڙ سال ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ تائين هو.عالمي ڪپ 2019ع ۾ بنگلاديش 8 گروپ ميچن مان رڳو ٽه ميچون ئي کٽي سگهيو هو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *