بنگلاديش کي پاڪستان اچي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ گھرجي: عمر اڪمل

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمر اڪمل چيو آهي ته سريلنڪا کان پوءِ هاڻ بنگلاديش کي به پاڪستان اچي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ضرور کيڏڻ گھرجي.قائداعظم ٽرافي فائينل ۾ شاندار ڊبل سينچري اسڪور ڪري سينٽرل پنجاب کي ڪاميابي ڏياريندڙ ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمر اڪمل لاهور پهچندي ئي ڪلب ڪرڪيٽ کيڏن لاءِ ميدان ۾ پهچي ويو، اسٽار بيٽسمين او ٽي سي لاهور چئلينج ڪپ ۾ اسپورٽس ڪلب خلاف ميچ ۾ پنهنجي ڪلب ڪرڪيٽ سينٽر جي ٽيم جي اڳواڻي ڪئي.عمر اڪمل ڪرڪيٽ جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ڪلب ۽ اسڪول جي سطح تي وڌ کان وڌ مقابلا ڪرائڻ تي زور ڏنو ۽ پي ايس ايل جون سموريون ميچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي وزيراعظم عمران ۽ پي سي بي اختيارين کي واڌايون ڏنيون.هن چيو ته ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي وڏي ڪاميابي آهي، پنهنجي هوم گرائونڊ فينز جي سامهون کيڏڻ ۾ گھڻو مزو ايندو آهي، پي سي بي جي ڪوششن سان سريلنڪن ٽيم پاڪستان اچي کيڏي۽ هاڻ يقين آهي ته بنگلاديش به اچي ضرور کيڏندو. اميد آهي ته جلد ٻيون ٽيمون به پاڪستان اچي ايڪشن ۾ نظر اينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *