بنگلاديش ٺهي ويو، جيڪڏهن ظلم برقرار رهيو ته سنڌو ديش به ٺهي ويندو: بلاول زرداري

حيدرآباد (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي تي غيرآئيني قبضي جي ڪوشش ڪئي ته حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو حڪم هڪ حد تائين برداشت ٿي سگهي ٿو ڪالهه بنگلاديش چيو هو ته جيڪڏهن ظلم ڪندا رهيا ته سڀاڻي سنڌوديش به ٺهي سگهي ٿو ۽ پختونستان به عمران خان ملڪ ۾ ماڻهن کي سياسي قيدي بڻائي ڇڏيو آهي وفاق ۾ اقتداري ڌرين پاران 18هين ترميم تي حملي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان سنڌ ڇا ڪنهن به صوبي جي سازش برادشت نهڪنداسين اڄ مرسون مرسون ڪندڙ سنڌي سياستدان ڪٿي آهن غير جمهوري قوتن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو هوش مان ڪم وٺو اسان ڪنهن به صورت ملڪ ٽٽڻ نه ڏينداسين اهڙنخ يالن جو اظهار هن خميس تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صوبن جي معاشي قتل جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي وفاقي حڪومت پاڻ پنهنجو ٽيڪس جمع نٿي ڪري صوبي جي وسيلن ۾ نظر وڌي پئي وڃي ڪالهه قانون جي وفاقي وزير ڪراچي تي قبضي جو پلان پيش ڪيو جيڪڏهن ڪراچي تي غيرآئيني قبضي جي ڪوشش ڪئي ته حڪومت کي گهر وڃڻُ پوندو هاڻي اسان هن غير جمهوري حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين سنڌ حڪومت تي چئني پاسن کان حملا ٿي رهيا آهن وزيراعطم چوي ٿو ته 18هين ترميم جي ڪري وفاق جو ڏيوالو نڪري رهيو آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ مان گئس سڄي ملڪ کي ڏني وڃي ٿي اوهان ڪراچي تي قبضي جي ڳالهه ڪري ڇا ثابت ڪرڻ چاهيون ٿا هن چيو ته موجوده وزيراعظم پاران مودي جي شروع ۾ آجيان ڪئي ويئي اهو به نه سوچيو ويو ته مودي من موهن سنگهه نه آهي اهو مسلمانن جو قاتل آهي پاڪستان کي مودي کي بينقاب ڪرڻ گهرجي ها جيڪو نه ڪيو ويو بلاول ڀٽو چيو ته مودي جي هٿان گجرات سانحو ٿيو ان جي خلاف سخت موقف رکڻ گهرجي مودي آر ايس ايس جي نطريي تي ڪم ڪري رهيو هو دنيا کي اها ڳالهه ٻڌائڻ گهرجي ها هن سوال ڪيو ته وزيراعظم گڏيل سيشن ۾ والاريل ڪشمير تي تقرير به ناهي ڪئي وزيراعظم عمرانخ ان والاريل ڪشمير تي اهم ڪم ڪهڙو ڪهڙو آهي پ پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ صحافي برادري سدائين جدوجهد ڪئي آهي هن وقت اسان جو ملڪ ڏکئي دور مان لنگهي رهيو آهي هن چيو ته اسان هن وقت خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيئي رهيا آهيون ملڪ کي ڊڪٽيٽر شپ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي ملڪ ۾ صحافت تي پابنديون لڳايون پيون وڃن هن چيو ته ميڊيا کي معاشي سطح تي ڄاڻي واڻي ڪمزور ڪيو پيو وڃي ته جيئن غير جمهروي طاقتون عوام جا حق کائينديون رهن اسان کي گڏجي جمهوري ۽ عوامي انساني حقن جو تحفظ ڪرڻُ آهي اسان کي 18هين ترميم جي حفاظت ڪرڻي آهي بلاول چيو ته اسان قربانيون ڏيئي 30 سالن جي جدوجهد کان پوءِ آئين کي بحال ڪرايو شهيد بي بي  ضياءالحق جي سياسي وارثن جي ذهنن ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. پ پ پ چيئرمين چيو ته موجوده حڪومت اسانجن صوبن کي به وسيلن کان محروم ڪري رهي آهي اوهان جو آئين اوهان جي قدرتي وسيلن کي تحفظ ڏياري ٿو آئين ۾ درج آهي ته جتي قدرتي وسيلا آهن اتان جي ماڻهن جو پهريون حق آهي هن چيو ته جمهوريت جو سفر زوال ڏانهن وڃي رهيو آهي پ پ پ ادارن جيآزادي تي يقين رکي ٿي پر پاڪستان کي اڄ جمهوريت کان آمريت ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. عوام کي مهانگائي جو بار وڌو ويو آهي. هن چيو ته اين ايف سي جي باوجود صوبن کي وسيلا نه ڏنا ويا پ پ پ قيادت کي بنا جواز جيلن ۾ بند ڪيو ويو آهي هن چيو ته پ پ پ ملڪ جي واحد پارٽي آهي جيڪا اقتدار ۾ اچي عوام کي عوام جا حق فراهم ڪري ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *