بنگلاديش خلاف ميچ ۾ ڪاميابي جي لاءِ سٺي راند کيڏڻي پوندي: مصباح الحق

لاهور(اسپورٽس نيوز)  چيف ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته بنگلاديش خلاف ميچ ۾ ڪاميابي جي لاءِ قومي ٽيم کي سٺي راند کيڏڻي پوندي.لاهور ۾ تقريب جي دوران ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي مصباح الحق چيو ته بنگال ٽائيگرز ليگ راند کيڏي آيا آهن جنهن سبب انهن جا رانديگر فارم ۾ هوندا.سيريز جي دوران پاڪستان يا بنگلاديش مان ڪنهن به ٽيم کي فيوريٽ نٿو چئي سگهجي پر ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سيريز جا سٺا مقابلا ٿيندا. جڏهن ته مهمان سائيڊ جي خلاف سيريز ۾ ڪاميابي جي لاءِ قومي ٽيم کي سٺي راند کيڏڻي پوندي.هڪ سوال تي چيف ڪوچ چيو ته بنگلاديش جي خلاف سيريز جي تيارين جي لاءِ ڀرپور تيارين جو سلسلو جاري آهي. آچر تي به پريڪٽس کان پوءِ ٽارگيٽ ميچ کيڏيا ويا  جنهن ۾ رانديگرن جي فٽنس سان گڏ ٽنهي شعبن ۾ مهارت جو جائزو ورتو ويو.چيف ڪوچ واضح ڪيو ته بنگال ٽائيگرز جي خلاف فتح کي يقيني بنائڻ جي لاءِ قومي رانديگرن کي بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *