بنگلاديش جي ٻن بالرن جا بالنگ ايڪشن شڪي قرار

دبئي:بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر تسڪين احمد ۽ آف اسپن بالر عرفات سني جو بالنگ ايڪشن شڪي قرار.پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ جي عالمي ادراي(آئي سي سي) بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جي ٻن بالرن جو بالنگ ايڪشن شڪي قرار ڏنو آهي،جنهن ۾ فاسٽ بالر تسڪين احمد ۽ اسپن  بالرعرفات سني شامل آهن.ٻنهي بالرن جو بالنگ ايڪشن گذريل ڏينهن ڌرم شالا ۾ ٿيندڙ بنگلاديش ۽ نيڌرلينڊ  وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ڪواليفائنگ ميچ دوران فيلڊ امپائر پاران رپورٽ ڪيو ويو،جنهن جي پڪ بنگلاديش ٽيم انتظاميا به ڪري ڇڏي آهي.ٻئي بالر هن وقت بالنگ ڪرائي سگهن ٿا جيڪڏهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٻنهي بالرن کي کيڏرائڻو آهي ته هلندڙ هفتي چنائي ۾ آئي سي سي جي سينٽر تي سندن بالنگ ايڪشن جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *