بنگلاديش جو دورو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه قومي رانديگر وطن واپس پهچي ويا

لاهور(اسپورٽس نيوز): بنگلاديش جو دورو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه قومي رانديگر لاهور پهچي ويا آهن، لاهور  پهچڻ وارن رانديگرن ۾ ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق، ون ڊي ٽيم جو ڪپتان اظهر علي، وهاب رياض، ياسر شاهه، عمران خان ۽ جنيد خان شامل آهن، قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ وقار  يونس ۽ ٻيو ڪوچنگ اسٽاف به لاهور پهچي ويو آهي، ياد رهي ته بنگلاديش جي خلاف پاڪستان ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريز ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي شڪست ملي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *