بنگلاديش انڊر نائٽين ورلڊ ڪپ جو عالمي چيمپين بڻجي ويو

 

ڏکڻ آفريڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت کي ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ جي تحت 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي عالمي چيمپين بنجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.ڏکڻ آفريڪا جي شهر پوچ فيسٽورم ۾ کيڏيل انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي فائنل جو ٽاس بنگلاديش جي ڪپتان اڪبر علي کٽيو ۽ ڀارت جي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني ته ان جي بالرن سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ڀارت جا رانديگر ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهيا ۽ سموري ٽيم 177 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.بنگلاديش جي 18 ساله فاسٽ بالر ايوشڪ سڀني کان وڌيڪ 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. شريف الاسلام ۽ تنظيم حسن شڪيب 2-2 ۽ رڪيب الحسن هڪ وڪيٽ ورتي. عالمي چيمپين  بنجڻ جي لاءِ بنگلاديش جي رانديگرن ذميوارانه راند جو مظاهرو ڪيو ۽ 50 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ڪئي پر ٻئين وڪيٽ جلد ئي ڪري پئي جڏهن محمودالحسن 62 رنسن تي آئوٽ ٿيو جنهن کان پوءِ بنا ڪنهن رنسن جي اضافي ڪرڻ بنا وڌيڪ 2 وڪيٽون ڪري پيون. اوپنر پرويز حسين ايمون 47 رنسون ٺاهيون جڏهن ته توحيد بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو. بنگلاديش جي ٽيم 41 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهيون هيون ۽ ميچ کٽڻ لاءِ صرف 15 رنسون گهربل هيون ته برسات شروع ٿي وئي ۽ راند کي روڪيو ويو.برسات رڪجندي ئي بنگلاديش کي ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ جي تحت کٽڻ جي لاءِ 170 رنسن جو حدف مقرر ڪيو ويو جنهن موجب 30 بالن ۾ 7 رنسون گهربل هيون. بنگلاديش 170 رنسن جو حدف بنا ڪنهن وڪيٽ ڪرڻ جي 23 بال اڳ ئي حاصل ڪري انڊر 19 ڪرڪيٽ جو عالمي چيمپين بنجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. بنگلاديش جي ڪپتان اڪبر علي کي زبردست اننگز کيڏڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. جڏهن ته ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر جو انعام ڀارت جي جيسوال کي مليو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *