بنون ۾ سڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران طالبان ڪمانڊر مارجي ويو، 100 کان وڌيڪ شڪي گرفتار

بنون(م.ڊ)  بنون ۾ سڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران طالبان ڪمانڊر مارجي ويو، مختلف علائقن مان هڪ سئو کان وڌيڪ شڪي گرفتار ڪيا ويا آهن. بنون جي علائقي جاني خيل ۾ سڪيورٽي فورسز سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران چڪريون ٿيون. ذريعن موجب فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ طالبان ڪمانڊر دلفراز مارجي ويو، جنهن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو. هوڏانهن نوشهرا جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري گهر گهر تلاشي ورتي. ذريعن موجب پوليس غير قانوني طور ترسيل افغانين سميت 88 شڪي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيا. سرگوڌا جي علائقي جهال چڪيان ۾ پوليس سرچ آپريشن دوران 12 افغانين کي سوگهو ڪري ورتو. فيصل آباد مان 32 شڪي گرفتار ڪري پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي، ڪوئيٽا مان 4 شڪي حراست ۾ ورتا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *