بندن تي ۽ ٻيٽ ۾ انڪروچمينٽ ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ايف آءِ آر ڪرائي وڃي: خورشيد شاهه

سکر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاه چيو آهي ته سکر بئراج جي ڪئنالن تي آباد ماڻهن کي انسانيت جي ناتي متبادل طور تي مالڪاڻن حقن سان گڏ روهڙي، فراش ۽ باگڙجيءَ ۾ سرڪاري زمين ڏني ويندي هن اهڙو اظهار ڪمشنر هائوس سکر ۾ ڪئنالن تي آباد ماڻهن جي نمائنده وفد سان رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ڊپٽي ڪمشنر رحيم بخش ميتلو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ڪمشنر سکر کي هدايت ڪئي ته ڪئنالن تي گھرن جي سروي ۽ مارڪنگ جي عمل کي فوري طور تي شروع ڪري بنان ڪنهن فرق جي حددخليون ختم ڪرايون وڃن. انسپيڪشن پاٿ کي خالي ڪرايو وڃي ته جيئن بندن کي مٿي ۽ محفوظ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته ڪئنالن تي آباد ماڻهن کي معاوضي ڏيارڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ سان ملاقات ڪئي ويندي. هن ڪمشنر کي چيو ته اڳتي بندن تي ۽ ٻيٽ ۾ انڪروچمينٽ ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ايف آءِ آر ڪرائي وڃي. ايم اين اي نعمان اسلام شيخ چيو ته ماڻهن کان بند مرحليوار خالي ڪرايا وڃن ۽ واهن تي آباد ماڻهن جي نمائندن کي چيو ته هو رضاڪارانا طور تي بندن تان قبضو ختم ڪن کين متبادل طور سرڪاري زمين ڏني ويندي. ايگزيڪٽو انجينئر سکر بئراج ٻڌايو ته سکر بئراج کان آرائين تائين 23 آرڊيون آهن جيڪي 24 ڪلو ميٽرن تي مشتمل آهن. جن تي ٽنهي ڪنارن تي هزارين ماڻهون آباد آهن. ۽ حد دخليون ڪورٽ جي حڪم تي خالي ڪرايون پيون وڃن ان کان اڳ ڪمشنر سکر ڊويزن اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪئنالن تي آباد ماڻهن کان انسپيڪشن پاٿ خالي ڪرايو ويندو ته جيئن ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ بندن تي مشنري ۽ ٻيو سامان پهچائي سگھجي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *