بنا ڪنهن خوف ۽ دٻاءَ جي فرض ادا ڪيا: (جسٽس گلزار احمد)، ججز پاڻ ۾ سڌارا آڻيندا آهن: نامزد چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته بنا ڪنهن خوف ۽ دٻاءَ جي چيف جسٽس  طور فرض ادا ڪيا، آئين ۾ چيڪ اينڊ بيلنس نظام موجود آهي ته جيئن رياست جو هر ٿنڀُ بهتر ڪم ڪري سگهي. اسلام آباد ۾ پنهنجي ريٽائرمينٽ جي موقعي تي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس گلزار احمد چيو ته جسٽس عائشا ملڪ جي مقرري سپريم ڪورٽ ۾ تاريخ لکي آهي، ڪورونا جي وبا دوران وڏو دٻاءُ هو پر عدالت پنهنجو ڪم جاري رکيو، اسلام آباد ۾ ماڊل جيل ٺاهڻ ۽ جيلن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون. نامزد چيف جسٽس عمر عطابنديال چيو ته ججز پاڻ ۾ سڌارا آڻيندا آهن، ان ڪري جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس ۾ اقليت اڪثريت ۾ تبديل ٿي، عدالتي فيصلي خلاف سوشل ميڊيا تي طوفان مچايو ويو، سوشل ميڊيا تي ججز خلاف ذاتي تنقيد ٿي رهي آهي، جيڪو غير آئيني آهي، غير قانوني ۽ غير اخلاقي آهي، بار ججز تي تنقيد خلاف ڪردار ادا ڪري، ان کان اڳ جو عدالت نوٽيس وٺي. هن چيو ته سمورين عدالتن کي پرفارمنس آڊٽ ڪرڻو پوندو ته جيئن ڪمزورين جي نشاندهي ٿي سگهي، جاچ ۽ پراسيڪيوشن ۾ سڌارا ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ ضروري آهن. سندس چوڻ هو ته غربت، بيروزگاري ۽ آبادي ۾ واڌ جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ويهڻو پوندو، عدالت جي جتي به ضرورت محسوس ٿيندي پنهنجو ڪردارا دا ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *