بنا وياج قرضن سان غربت ختم ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

سکر( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آمر ۽ دهشتگردن مون کان ماءُ کسي ورتي، 2018ع جي چونڊن ۾ عوامي طاقت سان اقتدار حاصل ڪنداسين. سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بنا وياج قرضن سان غربت ختم ٿي آهي. هن چيو ته عوام فيصلو ڪري ته پنجاب جهڙي ميٽرو چاهي ٿو  يا وري غربت جو خاتمو چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته 97 سيڪڙو عورتن ڪم ڪرڻ کانپوءِ قرض واپس ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن ڪڙهائي ۽ سلائي جا دڪان کولي پاڻ کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته بنا وياج قرض ڏئي عورتن جي مدد ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ اين جي اوز سان ملي ڪم ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير ڀٽو ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ ويمن پوليس اسٽيشن جهڙا ادارا قائم ڪيا، اقتدار ۾ اچي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وسيع ڪنداسين. هن چيو ته ن ليگ سڄي ملڪ ۾ اين جي اوز خلاف سخت قدم کنيا آهن. سندس چوڻ هو ته بينظير سپورٽ پروگرام ويلفيئر جو اهڙو پروگرام آهي جنهن کي سڄي دنيا قبول ڪيو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو به انقلابي سڌارا لاڳو ڪيا.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ عورتن جي حقن لاءِ قانونسازي ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *