بلوچ شاگردن جو آواز دٻائيندڙن خلاف بغاوت جا پرچا ٿيڻ گهرجن: جسٽس اطھر من الله ايمان مزاري جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو. ايمان مزاري طرفان پوليس کي گرفتاري کان روڪڻ جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي ڪئي. ايمان مزاري جي وڪيل چيو ته قائداعظم يونيورسٽي جو شاگرد گم ٿيو، جنهن لاءِ احتجاج جاري ڪيو ويو، احتجاج تي پوليس طاقت جو استعمال ڪيو، احتجاج دوران پوليس جي آپريشن ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا. پوليس اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته رڳو احتجاج ڪندڙ شاگرد ئي نه پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته بلوچستان جي شاگردن کي ته ٻڌڻ گهرجي، بلوچ شاگردن جو آواز دٻائيندڙن خلاف بغاوت جا پرچا ٿيڻ گهرجن. جسٽس اطهر من الله چيو ته ايس ايس پي صاحب، هن عدالت جي حدن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ اهو سڀ بلوچستان جي شاگردن جي احتجاج دوران ٿيو، بلوچستان جي شاگردن جو آواز دٻائڻ اصل بغاوت آهي، هيءَ عدالت ائين ٿيڻ نه ڏيندي. عدالت پوليس کي ايمان مزاري کي گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ان ڪيس ۾ ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو وڃي.، رڳو تنقيد ڪرڻ تي ڪنهن کي ائين هراسان ڪرڻ نه ڏينداسين. عدالت ايف آءِ آر جي ڪاپي درخواست گذار کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس اسلام آباد کي سومر ڏينهن ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. وڪيل چيو ته بلوچ شاگرد گم آهي، ان بابت به عدالت ڏسي، جنهن تي عدالت چيو ته ان لاءِ توهان الڳ پٽيشن داخل ڪرايو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *