بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ دٻجي ويل وڌيڪ چئن پورهيتن جا لاش هٿ

ڪوئٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي علائقي ڊيگاري ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڦاٿل چئن پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته باقي ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن. بلوچستان جي علائقي ڊيگاري ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڦاٿل پورهيتن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي آپريشن جاري آهي. ذريعن موجب ڪوئلي جي کاڻ ۾ 41 ڪلاڪن کانپوءِ چئن پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته هڪ پورهيت کي زنده ڪڍيو ويو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير جي هدايت تي صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ٽيم ڊيگاري پهچي وئي آهي ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *