بلوچستان ۾ ريلوي ٽريڪ ۽ ٽرينن تي حملن ۾ نمايا گهٽتائي ٿي آهي: سعد رفيق

ڪوئيٽا (م.ڊ) ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته بلوچستان ۾ ريلوي ٽريڪ ۽ ٽرينن تي حملن ۾ نمايا گهٽتائي ٿي آهي ۽ امن جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، گوادر پورٽ کي ريلوي ذريعي ملڪ ۽ چين سان ڳنڍڻ سان ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جو آغاز ٿيندو، اهڙن خيالن جواظهار هن وڏي وزير بلوچستان جي صدارت هيٺ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي، اجلاس ۾ صوبائي وزير عبدالرحيم زيارتوال، مير سرفراز احمد بگٽي، ڊاڪٽر حامد خان اچڪزئي، چيف سيڪريٽري بلوچستان سيف الله چٺا، حڪومت بلوچستان ۽ ريلوي جي اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته بلوچستان ۾ ريلوي ٽريڪ، مسافر ريلون ۽ ٻين تنصيبات تي حملن ۾ نمايان گهٽتائي ۽ ماضي جي نسبت امن جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، هن چي ته ڪٿي حملا ٿيا ته به وڏي وزير ۽ صوبائي حڪومت جلد قدم کڻي، وفاقي وزير چمن ۾ ريلوي ايراضي تي حد دخلين جي خاتمي ۽ لينڊ مافيا خلاف ڪارروائي تي صوبائي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو، اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گوادر کي ڪوئيٽا جي رستي سوڳ پشاور ۽ ريلوي ٽريڪ جي افاديت بابت چين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، هن چيو ته بلوچستان ۾ 32 ريلوي ڪرانسگ اهڙا آهن جتي ڪو به فاٽڪ نه آهي، جيڪڏهن فاٽڪن کي باقائده بڻايو وڃي ته حڪومت بلوچستان پنجن سالن تائين ان جا خرچ برداشت ڪري ان کانپوءِ ريلوي وزارت ان جا خرچ برداشت ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *