بلوچستان ۾ دهشتگردي کي پاڙيسري ملڪن جي مدد حاصل آهي: پاڪ فوج

لنڊن(م.ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم سليم باجوه لنڊن ۾ بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته حڪومت دهشتگردن سان ڳالهين ذريعي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي کانپوءَ آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو، دهشتگردن خلاف آپريشن بنا فرق جي جاري آهي. آرمي چيف سان گڏ دوري تي لنڊن ويل ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم سليم باجوه دهشتگردن خلاف هلندڙ آپريشن ضرب عضب بابت بريفنگ ڏني. عاصم سليم باوجوه چيو ته طالبان جو اتر وزيرستان ۾ ڪافي ڪنٽرول هو، جتي دهشتگردن اثرائتو مواصلاتي نظام به قائم ڪيو هو، جتان افغان طالبان سان به رابطا ڪيا ويندا هئا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگرد اتر وزيرستان ۾ بم ٺاهڻ واريون ڪيتريون ئي فيڪٽريون قائم ڪيون هيون، آپريشن ضرب عضب دوران بم ٺاهڻ واريون فيڪٽريون ۽ ڌماڪيدار مادي جا ذخيرا به تباهه ڪيا ويا  آهن. عاصم سليم باوجوه چيو ته اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب بنا فرق جي جاري آهي، جنهن ۾ ڪاميابيون مليون آهن. عاصم سليم باوجوده چيو ته حڪومت طرفان دهشتگردن سان ڳالهين ذريعي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي کانپوءِ حڪومت آپريشن ضرب عضب شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *