بلوچستان ۾ دهشتگردن کي ڀارتي سهڪار جا اطلاع آهن: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان عاصم افتخار ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي پاڪستان جي دوري بابت لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي حوالي سان ڀارتي الزام بي بنياد آهي. هفتيوار پريس بريفنگ دوران هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن کي ڀارتي سهڪار جون خبرون آيون آهن، بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن تي سول ۽ عسڪري قيادت رد عمل ڏنو آهي. عاصم افتخار احمد چيو ته ڀارتي وزيراعظم جي پاڪستانجي دوري بابت ڪا ڄاڻ ناهي. ان کانسواءِ هن واضح ڪيو ته بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي حوالي سان ڀارتي پروپيگينڊا بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪي آهي، نئين دهلي ڪشمير تان ڌيان هٽائڻ لاءِ بي بنياد الزام لڳايا آهن. پرڏيهي ترجمان ٻڌايو ته افغانستان ڪراس بارڊر  تي دهشتگردي جا خطرا موجود آهن، اسان ان حوالي سان لاڳيتو افغان اختيارن سان معاملو اٿاري رهيا آهيون جڏهن ته افغانستان لاءِ او آءِ فنڊز جو قيام هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين ٿي ويندو. عاصم افتخار احمد ٻڌايو ته سردار مسعود خان جي آمريڪا ۾ سفير طور مقرري جو عمل جاري آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن ۽ سڪيورٽي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته پنج فيبروري تي پاڪستان، ڪشمير ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار جوڏهاڙو ملهايو ويندو، پرڏيهي ترجمان گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪونسل، يو اين جنرل سيڪريٽري کي ڪشمير جي حوالي سان لکيل خط ۾ ڪشمير جي ڳنڀير صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *