بلوچستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ندين ۾ چاڙهه، نئيون وهي آيون، 9 ڄڻا لڙهي ويا

ڪراچي (نمائندن وٽان) بلوچستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ندين ۾ چاڙهه ۽ نئيون وهي اچڻ سبب خضدار جي وڍ واري علائقي ويجهو 9 ڄڻا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ معطل ٿيل بجلي اڃان بحال نه ٿي سگهي آهي، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ وڌيڪ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.. جعفرآباد سميت بلوچستان جي مختلف علائقن صحبتپور، ڊيرا مراد جمالي، سبي، مچ، جهل مگسي، لورا لائي، قلات خضدار، مستونگ ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات سبب سمورو مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. خضدار جي وڍ واري علائقي ۾ 9 ڄڻا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، جن جا لاش هٿ اچي ويا آهن.. برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ گندو پاڻي بهيجي ويو آهي جيڪو اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. تيز برسات سبب جعفرآباد جا 5 گرڊ اسٽيشن روجهان جمالي، منجهو شوري، ڊيرا مراد جمالي، صحبت پور، گنداخا، اوستا محمد بند پيل آهن، جنهن سبب مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. طوفاني برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جنهن سبب متاثر کليل آسمان هيٺ بيارو مددگار ويٺل آهن. سنڌ ۾ تيز هوا سان برسات کانپوءِ مختلف علائقن ۾ معطل ٿيل بجلي اڃا تائين بحال ناهي ٿي سگهي.. ٻئي پاسي، موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ وڌيڪ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *