بلوچستان ۾ ايف سي جو سرچ آپريشن، 6 جوابدار مارجي ويا

آواران (م.ڊ) آواران ضلعي جي علائقي مشڪي ۾ ايف سي طرفان سرچ آپريشن دوران ٻه طرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد جڏهن ته 6 هٿياربند مارجي ويا، ايف سي طرفان مشڪي ۾ شرپسندن جي موجودگي جي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو ويو ۽ ان دوران هٿياربندن اهلڪارن کي ڏسندي ئي انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار موقع يتي شهيد ٿي ويو جڏهن ته ٻه طرفي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ايف سي ترجمان مطابق آواران ضلعي جي علائقي مشڪي ۾ آپريشن دوران مارجي ويندڙن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي جڏهن ته جوابدارن قبضي مان 5 هٿيار ۽ 2 آءِ اي ڊيز هٿ ڪيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *