بلوچستان ۾ ايف سي اهلڪارن جي ڪار حادثي جو شڪار، 4 اهلڪار شهيد

خضدار(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي واشڪ ويجهو سڪيورٽي فورسز جي ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ ايران سرحد ويجهو بلوچستان جي علائقي واشڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار ٿڏي تي ئي شهيد جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا. سيڪيورٽي اهلڪارن فوري امدادي ڪاروائي ڪندي زخمين ۽ لاشن کي سي ايم ايڇ خضدار منتقل ڪري ڇڏيو. زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اطلاع موجب ايف سي اهلڪارن  جو ٻن گاڏين تي ٻڌل قافلو وڃي رهيو هوته انهن مان هڪ ڪار ڊرائيور جي ظابطي کان ٻاهر نڪري ڪلٽي ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *