بلوچستان کي حق نه پيا ملن: اختر مينگل جو حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان

اسلام آباد(م.ڊ) قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران بلوچستان نيشنل پارٽي(مينگل) جي اڳواڻ سردار اختر مينگل تحريڪ انصاف سان اتحاد ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هن چيو ته اسان ايوان ۾ موجود رهنداسين ۽ پنهنجو آواز بلند ڪندا رهنداسين. اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي اختر جان مينگل چيو آهي ته بلوچستان توهان جو قرضي ناهي، جيڪڏهن حساب ڪيو ويندو ته هڪ هڪ وار بلوچستان جو قرضي هوندو، سوئي گيس جي رائلٽي ته ڇڏيو پر اسان کي گيس سنگهڻ لاءِ به نٿي ملي، منهنجي بلوچ جو خون هتي بحث هيٺ ڇو نٿو اچي، ڇا ان جو رنگ ٽماٽي جي رنگ کان وڌيڪ خراب آهي، ڪير اسان کي لائن ۾ به نٿو بيهڻ ڏئي ۽ توهان آن لائن جي پيا ڳالهه ڪيو، ماڻهن جا مونکي پيغام ٿا ملن ته اسان جي ٻارن کي نه پڙهايو، جيڪڏهن اسان جا ٻار پڙهي پيا ته کين حق ۽ ناحق وچ ۾ فرق جي خبر پئجي ويندي، بلوچستان کي برابر جو حصو ملڻ گهرجي، اڄ نه ته سڀاڻي پر ڏيڻو ضرور پوندو. ياد رهي ته بي اين پي مينگل جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي ۾ 4 ووٽن کان محروم ٿي وئي آهي، ان کان علاوه سينيٽ ۾ به هڪ ووٽ گهٽ ٿي ويو آهي، اهڙيءَ طرح تحريڪ انصاف جي لاءِ مسلم ليگ (ق)، ايم ڪيو ايم، بي اين پي ۽ جي ڊي اي جي اهميت وڌي وئي آهي. 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *