بلوچستان جَي سبي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 2 اهلڪار شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا

سبي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جَي سبي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، ٽن دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. سبي جي سنگان واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ته دهشتگردن اهلڪارن مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. ايف سي ترجمان موجب، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ حسن ۽ مبشر نالي ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ ٽن دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. ايف سي ترجمان چيو آهي ته مقابلي دروان مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو ڪالعدم تنظيم سان هو، جن وٽان مختلف قسمن جا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *