بلوچستان جي ڪوهلي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

ڪوئيٽا (بيورو) بلوچستان جي ڪوهلي واري علائقي   ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي  نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي دعويٰ  ڪئي آهي دهشتگرد پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، ڪنهن به معصوم جي زندگي ضايع ناهي ٿي، علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويندو . هـُن نالا واري علائقي ۾ مري برادري جي ٻن  ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ٻئي تي  راڪيٽن ۽ جديد هٿيارن سان فائرنگ جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. ذريعن موجب هٿياربندن پاران  علائقي ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ  جو سلسلو جاري هجڻ ڪري ، خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.  بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڊِيرا بگٽي ۾ وڙهندڙ ڌريون دهشتگرد ۽ را جا ايجنٽ آهن، ڪنهن به معصوم جي جان ضايع ناهي ٿي. صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته جابلو علائقو آهي، سيڪيورٽي فورسز ذريعي علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *