بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تيز برستات، کنوڻ ڪرڻ سبب 5 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪوئيٽا (اي پي پي) بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گذريل رات تيز برسات سبب آسماني بجلي ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو اجل جو شڪار جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا آهن، پوليس ۽ اسپتال ذريعن موجب گذريل رات تيز برسات سبب آسماني بجلي ڪرڻ جا واقعا پيش آيا آهن، جنهن ۾ بلوچستان جي ضلعي هرنائي جي علائقي وام تنگي ۾ هڪ گهر تي آسماني بجلي ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا اجل جو شڪار جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته ٻيو واقعو لورالائي جي علائقي وڪي ۾ پيش آيو، جنهن ۾ آسماني بجلي ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو، مقامي ماڻهن موجب آسماني بجلي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻن گهرن کي باهه لڳي وئي ۽ ماڻهو پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، اسپتال ذريعن موجب زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي،جن جو اڌ جسم سڙي ويو آهي، جن کي ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *