بلوچستان جي علائقي نصيرآباد جي امام بارگاهه ۾ ڌماڪو، 10 ڄڻا شهيد

نصيرآباد(نمائندو) بولان جي علائقي نصيرآباد ۾ امام بارگاهه ۾ ڌماڪي ۾ 10 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. بلوچستان جي ضلع بولان جي علائقي نصيراباد ۾ ڊاڊر جي ڇلگري امام بارگاهه ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 10 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. صوبائي گهرو وزير سرفرفرا بگٽي موجب ڌماڪي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ ڀرپاسي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڌماڪو امام بارگاهه جي دروازي جي ڀرسان ٿيو جتي ڪجهه دير کانپوءِ مجلس ٿيڻي هئي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي جو گهيرو ڪري جانچ شرع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به علائي ۾ طلب ڪيو ويو آهي. پوليس ڌماڪو آپگهاتي هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي پر بم ڊسپوزل اسڪواڊ جانچ کانپوءِ ئي ڌماڪي جي نوعيت جو اندازو لڳائي سگهندي. صوبائي گهرو کاتي پاران محرم الحرام ۾ بولان، لورالائي ۽ سبي کي حساس قرار ڏنو ويو جنهن کانپوءِ هتي ستين محرم الحرام جو جلوس به برآمد نه ٿي سگهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *