بلديا فيڪٽري سانحي منظم منصوبابندي تحت هڪ ڀتاخور گروپ فيڪٽري کي باهه لڳائي،رپورٽ ۾ انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلديا فيڪٽري سانحي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي شروعاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته منظم منصوبابندي تحت هڪ ڀتاخور گروپ فيڪٽري کي باهه لڳائي، سانحي جي وڌيڪ جاچ لاءِ فرانزڪ ٽيسٽون ڪرايون وينديون. بلديا ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي دبئي ۾ پاڪستاني سفرتخاني اندر چئن ڏينهنتائين ڀائلا ڀائرن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته بلديا ٽائون فيڪٽري سانحو هڪ گروهه جي منظم ڪارروائي هئي، جنهن ۾ منظم منصوبابندي تحت ڀتاخور گروپ فيڪٽري کي باهه لڳائي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي بلديا فيڪٽري سانحي جي وڌيڪ جاچ لاءِ فرانزڪ ٽيسٽون به ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلديا فيڪٽري سانحي ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ ملازم سڙي فوت ٿي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *