بلديا سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي قانون موجب سخت سزا ڏني ويندي: مراد علي شاهه

ڀان سيد آباد(رپورٽر) سنڌ حڪومت خلاف ٿيندڙ سموريون سازشون ناڪام ٿي وينديون، سينيٽ چونڊن ۾ ميرٽ تي پ پ جون ٽڪيون ڏنيون پيون وڃن، سينيٽ چونڊن ۾ پ پ جا سمورا  اميدوار ڪامياب ٿيندا، سينيٽ چونڊن بابت ٻين پارٽين ۽ اپوزيشن سان پ پ قيادت جون ڳالهيون هلندڙ آهن، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي ناڻي ۽ انرجي کاتي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه ڳوٺ واهڙ ۽ ڳوٺ ٻنڀا ۾ مختلف معزز شخصيتن ۽ پ پ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪندڙ سياستدانن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙي رهي آهي، پيپلز پارٽي ڪڏهن به عوامي مسئلن تي سوديبازي ناهي ڪئي، عوامي مسئلا حل ڪرڻ اسان جو فرض آهي، سيد مراد علي شاهه چيو ته بلديا سانحي جي رپورٽ تي بنافرق جي ڪاروائي ڪئي ويندي، بلديا سانحي ۾ 250 ماڻهو سڙي فوت ٿيا اهو افسوسناڪ واقعو هو. رينجرز ان بابت رپورٽ پيش ڪئي آهي.بلديا سانحي رپورٽ تي بنافرق جي ڪاروائي ٿيڻ گھرجي.۽ بلديا سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي قانون موجب سخت سزا ڏني ويندي، هن وڌيڪ چيو ته پ پ کي ختم ڪرڻ وارا پاڻ ختم ٿي ويا آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي قيادت ۾ مضبوط آهي،پ پ حڪومت عوام کي تعليم، صحت سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون آهن، جن علائقن ۾ بنيادي سهولتون ناهن انهن ۾ به سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، ان موقعي تي پ پ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر، ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو، ايم پي اي فقير داد کوسو، پ پ تعلقي صدر امان الله شاهاڻي، پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر بهادر خان ڏاهري سميت ٻيا پڻ موجود هيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *