بلديا سانحو: جــَي آءِ ٽي رپورٽ ٽرائل ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، بلديا سانحي جــِي جــَي آءِ ٽي رپورٽ ٽرائل ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته جــَي آءِ ٽي رپورٽ عدالتي ڪارروائي جو حصو آهي ۽ ان تي فيصلو ٽرائل ڪورٽ ڪندي. بلديا ٽائون فيڪٽري سانحي جي جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جي رپورٽ منظر عام تي اچڻ بعد فيڪٽري مالڪن، ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ٽرائل ڪورٽ ۾ منتقل ڪئي وڃي،ڇاڪاڻ ته ان ۾ بلديا سانحي جو ڪيس هلندڙ آهي. عدالت، جــَي آءِ ٽي رپورٽ ٽرائل ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته رپورٽ عدالتي ڪارروائي جو حصو آهي ۽ ان تي فيصلو ٽرائل ڪورٽ ڪندي. عدالت، ٽرائل ڪورٽ کي ٽن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ميڊيا کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي درست رپورٽنگ ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران وڪيل فيصل صديقي عدالت ۾ دليل ڏيندي ٻڌايو ته جوابدار رضوان قريشي کي غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هن بلديا سانحي بابت انڪشاف ڪيو آهي. وڪيل پنهنجي دليلن ۾ وڌيڪ چيو ته جي آءِ ٽي بلديا سانحي بابت نه هئي پر رضوان قريشي جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته هن کي ٻئي ڪنهن ماڻهو بلديا سانحي بابت ڄاڻ ڏني. وڪيل عدالت ۾ چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ تي عوام ۽ ميڊيا کي گمراهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فيڪٽري مالڪن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *