بلاول ۽ آصف زرداري وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن آغا سراج دراني

لاڙڪاڻو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته بلاول ۽ آصف زرداري وچ ۾ڪي به اختلاف ناهن، پارٽي ۾ڌڙا بند ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. لاڙڪاڻي ۾نجي ٽي وي سان سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته وڏي وزير جي تبديلي بابت کيس ڪابه خبر ناهي، اهڙو فيصلو ٿيو ته پارٽي قيادت ڪندي. آغا سراج دراني چيو ته وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ٽي ڀيرا وڏو وزير رهيو آهي، جنهن کي وڏي وزير هئڻ جو سٺو تجربو پڻ آهي. آغا سراج دراني چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري وچ ۾ڪي به اختلاف ناهن، مخالف اجايو شوشا ڇڏي رهيا آهن. هن چيو ته پ پ مخالف اڳ به شهيد راڻي ۽ بيگ نصرت ڀٽو وچ ۾اختلافن سميت محترم بينظير ڀٽو ۽آصف زرداري وچ ۾ اختلاف هئڻ جا اجايا شوشا ڇڏيا هئا، پر ان ۾ هو ڪامياب نه ٿيا. آغا سراج دراني وڌيڪ چيو ته  پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ وچ ۾ ڇڪتاڻ سان پنجاب ۾ ماحول خراب ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ نواز شريف وچ ۾ ذاتي تڪرار آهي جيڪو سياست ۾نه هئڻ کپي،عمران خان نواز شريف خلاف غير پارلياماني زبان استعمال ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *